پير بخش فاروقي،دلريش

پير بخش فاروقي،’دلريش‘: پير بخش فاروقي، 25 رمضان 1314هه بمطابق 30 جنوري 1897ع ۾ ڳوٺ فاروق آباد، بدين ۾ ڄائو. سندس پيءُ جو نالو محمد بچل هو. روايت آهي ته سندس نسب جو سلسلو حضرت عمر فاروقرضه سان ملي ٿو. سندس پيءُ، مير شير محمد خان وٽ ’فراش‘ هو. سندس خدمتن عيوض کيس مير صاحب ڪيترن ئي انعامن اڪرامن سان نوازيو هو. پير بخش کي تعليم لاءِ مولوي اسماعيل شيديءَ وٽ ڇڏيو ويو، جتي هن قرآن شريف ۽ سنڌيءَ جي تعليم حاصل ڪئي. هيءُ فقير پنهنجي وقت جو هڪ سٺو عالم فاضل ۽ شاعر به هو. هن کي علم سان ڏاڍو چاهه هو، اهو ئي سبب آهي جو سندس ڪتب خاني ۾ ڪيترائي عربي، فارسي، اردو ۽ سنڌي جا ڪتاب موجود هئا. شاعريءَ ۾ ڪافي ۽ غزل چيائين، جن ۾ هن روحانيت ۽ تصوف جو ذڪر ڪيو آهي. عمر جي آخري عرصي ۾ پنجاب ۽ سنڌ ۾ چشتيه ۽ قادريه طريقي جي تبليغ ڪيائين. هن درويش رمضان، 1370هه/ 1950ع ۾ وفات ڪئي. سندس مزار بدين ۽ نندي شهر جي رستي تي ٽه منهينءَ کان اوڀر طرف آهي، جتي ساليانو عرس به ٿيندو رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو